شهر جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ تي آچر ڏينهن ريلي، حيدرآباد-انڊس هاءِ وي تي ڌرڻي جو فيصلو
ڄامشورو: ڄامشورو شهري ايڪشن ڪاميٽي جو اهم اجلاس چئيرمين ربنواز ابڙو جي صدارت هيٺ جي يو آءِ اڳواڻ ۽ شهري ايڪشن ڪاميٽي جي جنرل سيڪريٽري حافظ جميل احمد لغاري جي رهائشگاهه تي منعقد ٿيو، جنهن ۾ شهر جي موجوده صورتحال، بنيادي مسئلن، صفائي سٿرائي، ڊرينيج، بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ، امن امان ۽ ٻين عوامي مسئلن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.
اجلاس ۾ دربان عالماڻي، رياض ناريجو، ضمير احمد تيوڻو، الطاف مگسي، غلام ياسين ڊومڪي، راڻا ڪاليه ۽ حافظ خير محمد لغاري سميت شهري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي.
اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڄامشورو شهر مسلسل بنيادي سهولتن کان محروم ٿيندو پيو وڃي، جنهن سبب شهرين ۾ سخت بيچيني ۽ مايوسي پکڙيل آهي. چونڊيل نمائندن پاران عوام جي مسئلن تي سنجيدگي سان ڌيان نه ڏيڻ سبب شهر جون گهٽيون، روڊ ۽ مختلف علائقا مسئلن جي ور چڙهيل آهن، جڏهن ته صفائي سٿرائي جو نظام پڻ انتهائي خراب صورتحال اختيار ڪري چڪو آهي.
شهري ايڪشن ڪاميٽي اڳواڻن چيو ته ڄامشورو ٽائون ۾ گندگي جا ڍير، خراب ڊرينيج ۽ صفائي جي ناقص انتظامن سبب شهرين کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. اجلاس ۾ ٽائون انتظاميا جي ڪارڪردگي تي پڻ سوال اٿاريندي ٽائون چيئرمين ۽ ٽائون آفيسر ارسلان دستگير جي مبينا ڪرپشن جي الزامن جي شفاف جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
اجلاس ۾ شهر جي سروس روڊن تان غيرقانوني قبضا ختم ڪرائڻ، فلاءِ اوور جي بند پيل لائٽنگ بحال ڪرائڻ، شهر ۾ ڊسپينسري، پبلڪ لائبريري، عيدگاهه، پبلڪ پارڪ ۽ ڪرڪيٽ گرائونڊ تعمير ڪرائڻ سميت نوجوانن ۽ شهرين لاءِ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
شهري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڄامشورو هڪ اهم تعليمي ۽ صنعتي شهر هجڻ باوجود بنيادي سهولتن کان محروم آهي. شهر ۾ مناسب ڊرينيج نظام نه هجڻ، گندي پاڻي جي نيڪال جو مسئلو، روڊن جي خراب حالت ۽ صفائي جي ناقص انتظامن سبب عوام روزاني بنيادن تي پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي.
اجلاس ۾ حيسڪو ۽ واپڊا جي مبينا اک ٻوٽ، غيراعلانيه ۽ ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف پڻ سخت احتجاج ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب ڪاروبار، تعليم ۽ روزمره جي زندگي سخت متاثر ٿي رهي آهي. ان سان گڏ شهرين لاءِ گئس جي پريشر جو مسئلو پڻ حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
اڳواڻن چيو ته عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ چونڊيل نمائندن ۽ لاڳاپيل ادارن جي ذميواري آهي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ڄامشورو جا ڪيترائي بنيادي مسئلا ڊگهي عرصي کان حل طلب آهن. شهرين جي بار بار دانهن باوجود مسئلن جي مستقل حل لاءِ اثرائتا قدم نه کنيا ويا آهن.
اجلاس ۾ ڄامشورو شهر ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ، منشيات ۽ ٻين سماجي براين جي خاتمي، عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ شهر ۾ بهتر انتظامي نظام قائم ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ويو.
آچر ڏينهن احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻي جو اعلان
اجلاس ۾ متفقه طور فيصلو ڪيو ويو ته ڄامشورو جي بنيادي مسئلن جي حل، چونڊيل نمائندن جي مبينا نااهلي خلاف، صفائي، ڊرينيج، بجلي ۽ گئس جي مسئلن، روڊن تان قبضا ختم ڪرائڻ، فلاءِ اوور جي لائٽنگ بحال ڪرائڻ ۽ شهر ۾ صحت، تعليم، راندين ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ آچر ڏينهن صبح جو 11 وڳي ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب کان ٻٻر سينٽر تائين وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي.
شهري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن موجب احتجاجي ريلي بعد حيدرآباد-انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو، جنهن ۾ شهر جا سياسي، سماجي، مذهبي، واپاري، صحافي، نوجوان ۽ مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ شهرين کي شرڪت جي اپيل ڪئي وئي آهي.
شهري ايڪشن ڪاميٽي جي چئيرمين ربنواز ابڙو ۽ جنرل سيڪريٽري حافظ جميل احمد لغاري چيو ته هي احتجاج ڪنهن ذاتي مفاد لاءِ نه، پر ڄامشورو جي عوام جي بنيادي حقن ۽ شهر جي ترقي لاءِ آواز بلند ڪرڻ آهي. هنن چيو ته جيستائين شهر جا جائز مسئلا حل نه ڪيا ويندا، تيستائين عوام سان گڏجي پرامن ۽ جمهوري جدوجهد جاري رکي ويندي.
اڳواڻن لاڳاپيل ضلعي انتظاميا، ٽائون انتظاميا، چونڊيل نمائندن، حيسڪو ۽ سوئي گئس انتظاميا کي مطالبو ڪيو ته ڄامشورو جي مسئلن جو فوري نوٽيس وٺي عملي قدم کنيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو.
ڄامشورو شهري ايڪشن ڪاميٽي جو اجلاس، چونڊيل نمائندن خلاف سخت احتجاج جو اعلان
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
