حيدرآباد (محبوب حسين بوزدار ). ٽنڊوالھيار بريڪنگ نيوز رات دير سان ھڪ بجي بڪيرا ٿاڻي جي حد کوکر فارم پوليس پوسٽ مين بڪيراروڊشيخ ڀرڪيوتي 8 کان 10 ھٿيار بندن مين روڊ بڪيرا کان شخ ڀرڪيو ويندڙ روڊ کوکر پوليس پوسٽ ويجھو ڪيلي جي باغ جا ٿڻ يعني وڻ وڍي روڊ بند ڪري ڇڏيو جنھن دئوران ھٿيار بندن ٻن پوليس اھلڪارن عباس پتافي ء رياض پتافي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس اھلڪار عباس پتافي ھٿيار بندن مٿان فائيرنگ ڪندي ڪيلي جي باغ ۾ لھي ويو ء پوليس اھلڪار رياض پتافي ھٿيار بندن جي ور چڙھي ويو جنھن کان پوء پوليس اھلڪار عباس پتافي مڙسي ڪري ھٿيار بندن مٿان فائيرنگ ڪري پنھنجي ساٿي پوليس اھلڪار رياض پتافي کي بچائي ورتو تفيصيل بڪيرا شريف ٿاڻي جي حد ۾ بڪيرا روڊ کوکر فارم پوليس چيڪ پوسٽ ويجو رات ھڪ بجي بڪيرا ٿاڻي تان ڏيوٽي تان واپس ڳوٺ ڏانھن ويندي بڪيرا ٿاڻي جي ٻن پوليس اھلڪارن کان ھٿيارن جي زور تي تي ڦر ٿي جڏھن ته مين روڊ تي ڪيلي جي باغ جا وڻ وڍي مين روڊ تي رکي روڊ بند ڪيو ويو جڏھن ته روڊ تي ڪيلي جا ٿڻ يعني وڻ روڊ تي وڇايل ڏسي پوليس اھلڪارن فائرنگ ڪري ڏني جنھن ۾ پوليس اھلڪار عباس پتافي ھٿيار بندن مٿان فائيرنگ ڪندي ڪيلي جي باغ ۾ لھي ويو ء ھڪ ٻيو پوليس اھلڪار رياض پتافي ھٿيار بندن جي ور ڇڙھي ويو جنھن کان پوء ھٿيار بندن مٿان پوليس ااھلڪار عباس پتافي فائيرنگ ڪري ھمت جري پنھنجي ساٿي پوليس اھلڪار رياض پتافي کي ڇڏائي ورتو ء ھٿيار بند پوليس اھلڪار دياض پتافي کي ڇڏي ء پوليس اھلڪار عباس پتافي جي موٽر سائيڪل ڪاھي فرار ٿي ويا ياد رھي ته ھڪ ڪلاڪ تائين پوليس اھلڪارن ء ھٿيار بندن ۾ فائيرنگ جي ڏي وٺ ٿيندي رھي پر جاء وار دات تي بڪيرا پوليس وقت تي نه پھتي اسان آئي جي سنڌ ڊي آئي جي حيدرآباد ايس ايس پي ٽنڊوالھيار کان مطالبو ٿا ڪيون ته پوليس اھلڪارن سان انصاف ء انھن کان ڦر ٿيل موٽر سائيڪل واپس ڪرايو وڃي ء انھن جي مالڪي ڪئي وڃي ڇوجو گذريل وقت ياد آھي ته ھتي ٽنڊوالھيار ۾ اڳ ۾ پوليس جا جوان بيگناھ شھيد ٿي ويا خداره انھن اصل ء حقيقي ڏوھارين کي گرفتار ڪري پوليس اھلڪارن سان انصاف ڪيو وڃي
پوليس اھلڪارن سان انصاف ء انھن کان ڦر ٿيل موٽر سائيڪل واپس ڪرايو،اھلڪار رياض پتافي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
