• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: واڙي تڙ، آدم شاهه ڪالوني ۽ ريتي لائين جي رهواسين جو احتجاج
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

واڙي تڙ، آدم شاهه ڪالوني ۽ ريتي لائين جي رهواسين جو احتجاج

admin
Last updated: October 8, 2026 9:59 pm
admin
Share
SHARE

سکر (غلام علي رپورٽ) واڙي تڙ، آدم شاهه ڪالوني ۽ ريتي لائين جي رهواسين مردن ۽ عورتن ريلوي انتظاميا ۽ پوليس جي مبينا زيادتين، گهرن مان بي دخل ڪرڻ ۽ جاري ڪيل نوٽيسن خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين ريلوي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ته ڊگهي عرصي کان آباد غريب خاندانن کي بي دخل ڪرڻ جو سلسلو فوري طور تي روڪيو وڃي، سندن گهرن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ۽ ڪچين آبادين جي رهواسين کي قانوني ۽ مالڪي جا حق فراهم ڪيا وڃن. احتجاج ۾ مسمات وقار النساءِ، صداقت علي، مشتاق چاچڙ سميت سياسي، سماجي ۽ مذهبي اڳواڻن شرڪت ڪئي. مظاهري کي جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ قاري لياقت علي مغل، ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي سنڌ اسيمبلي ميمبر ديوان چند چاولا، ايم ڪيو ايم پاڪستان ليگل ايڊ ڪميٽي سکر جي انچارج ايڊووڪيٽ سعيد احمد قريشي ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ ماجد علي ڊنور سميت ٻين خطاب ڪيو. جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ قاري لياقت علي مغل چيو ته احتجاج جو مقصد انهن غريب ۽ مظلوم خاندانن جي حق ۾ آواز بلند ڪرڻ آهي، جن لاءِ ٻن ويلن جي ماني حاصل ڪرڻ اڳ ئي ڏکيو بڻيل آهي. هن چيو ته ڪراچي کان پنجاب تائين ريلوي جي زمينن تي وڏيون عمارتون ۽ بنگلا موجود آهن، پر ڪارروائي رڳو غريب آبادين خلاف ڪئي پئي وڃي. هن دعويٰ ڪئي ته واڙي تڙ، آدم شاهه ڪالوني ۽ ايوب گيٽ جي آس پاس ڪيترائي خاندان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان آباد آهن، اهڙي صورتحال ۾ کين اوچتو بي دخل ڪرڻ ڳڻتي جوڳو عمل آهي. قاري لياقت علي مغل چيو ته ڄاڻايل علائقن ۾ زمينن جي قيمتن ۾ واڌ سبب غريب آبادين کي هٽائڻ پٺيان مبينا طور مفاد ڪارفرما ٿي سگهن ٿا. سندس چوڻ هو ته جمعيت علماءِ اسلام متاثر خاندانن سان گڏ بيٺل آهي ۽ سندن حقن لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريو ويندو. هن وفاقي وزير ريلوي، ريلوي ڊي ايس سکر، ايس ايس پي ريلوي، ضلعي انتظاميا ۽ ميئر سکر سميت لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته متاثر خاندانن جي مسئلن جو فوري طور حل ڪڍيو وڃي. متاثر رهواسي صداقت علي چيو ته هو واڙي تڙ، آدم شاهه ڪالوني جو رهواسي آهي ۽ کيس اوچتو گهر خالي ڪرڻ لاءِ نوٽيس ڏنو ويو. سندس چوڻ موجب رهواسين لاڳاپيل ريلوي اختيارين سان رابطو ڪيو، پر کين هڪ آفيس کان ٻي آفيس ڏانهن موڪليو ويندو رهيو ۽ ڪو به واضح جواب نه ڏنو ويو. هن الزام لڳايو ته ڪارروائي دوران سندس گهر جو دروازو ٽوڙيو ويو، جنهن سبب گهرڀاتين کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو. صداقت علي چيو ته متاثر خاندانن ۾ بزرگ، عورتون ۽ ٻار شامل آهن، جيڪي ڪيترن ئي سالن کان انهن علائقن ۾ رهائش پذير آهن. هن حڪومت پاڪستان، اعليٰ اختيارين ۽ لاڳاپيل انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته متاثر خاندانن کي بي دخل ڪرڻ بدران سندن رهائشي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن اهي علائقا ڪچي آبادي جي زمري ۾ اچن ٿا ته کين قانوني حق فراهم ڪيا وڃن. ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي سنڌ اسيمبلي ميمبر ديوان چند چاولا احتجاج کي خطاب ڪندي چيو ته غريب خاندانن کي گهرن مان ڪڍي روڊن تي آڻڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ڪارروائي لاءِ قانوني گهرجون موجود آهن ته اهي پوريون ڪيون وڃن، پر عورتن، ٻارن ۽ بزرگن کي گهرن مان بي دخل ڪرڻ انساني ۽ سماجي لحاظ کان به ڳڻتي جوڳو آهي. هن مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن اهلڪار يا آفيسر اختيارن کان تجاوز ڪيو آهي ته معاملي جي غيرجانبدارانه جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. هن متاثر ماڻهن جي گهرن جي بحالي ۽ کين قانوني تحفظ فراهم ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. ايم ڪيو ايم پاڪستان ليگل ايڊ ڪميٽي سکر جي انچارج ايڊووڪيٽ سعيد احمد قريشي چيو ته واڙي تڙ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪچين آبادين جو معاملو نئون ناهي ۽ ماضي ۾ به انهن آبادين کي قانوني حيثيت ڏيڻ بابت مختلف سطحن تي ڪارروائي ٿيندي رهي آهي. هن دعويٰ ڪئي ته وٽس سکر جي ڪجهه ڪچين آبادين بابت پراڻا سرڪاري دستاويز موجود آهن ۽ معاملي کي قانوني ۽ آئيني طريقي سان حل ڪيو وڃي. ايڊووڪيٽ سعيد احمد قريشي الزام لڳايو ته ڪجهه هنڌن تي غريب رهواسين کان زمين خالي ڪرائڻ يا متبادل جاءِ فراهم ڪرڻ جي نالي تي مبينا طور رقم طلب ڪرڻ جون شڪايتون پڻ سامهون آيون آهن. هن چيو ته جيڪڏهن اهڙيون شڪايتون درست آهن ته انهن جي شفاف جاچ ضروري آهي. سندس چوڻ هو ته ريلوي جي زمين تي ڪارروائي هڪجهڙي ۽ قانون موجب ٿيڻ گهرجي ۽ رڳو غريب آبادين کي نشانو نه بڻايو وڃي.

 هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن…

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article بنگلاديش ۾ پينو فقير جي 21 شادين جي دعويٰ
Next Article  زرعي تحقيق سنڌ ۽ ايف اي او وچ ۾ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار تي ڳالهيون
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

ڊپٽي ڪمشنر بدين جو اڪرم واهه، وھڻائي شريف ويجهو زيرِ تعمير پل جو دورو، تعميراتي ڪم معياري بڻائڻ ۽ جلد مڪمل ڪرڻ جون هدايتون

بدين ڊپٽي ڪمشنر بدين زارا زاهد اڪرم واهه، وھڻائي شريف…

October 22, 2026

ڊپٽي ڪمشنر بدين جو اڪرم واهه، وھڻائي شريف ويجهو زيرِ تعمير پل جو دورو، تعميراتي ڪم معياري بڻائڻ ۽ جلد مڪمل ڪرڻ جون هدايتون

بدين ڊپٽي ڪمشنر بدين زارا زاهد…

October 22, 2026

حيدرآباد: جونيجو ڪالوني ۾ گهر تي ٻيهر حملي جو الزام، عورت ۽ معصوم نينگري سميت ڪٽنب تي تشدد جي دعويٰ، متاثر خاندان جو انصاف ۽ تحفظ لاءِ اعليٰ پوليس اختيارين کي اپيل

حيدرآباد (خصوصي رپورٽ): حيدرآباد جي جونيجو…

October 22, 2026

تاريخي امروٽي مسجد خلاف نوٽيس نامنظور، نوٽيس واپس ورتو وڃي – مطالبو

سکر (عبدالجبارنوناري) تاريخي امروٽي مسجد کي…

October 22, 2026

حيدرآباد جي لطيف آباد نمبر 7 ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو پيش آيو آهي جتي ظالم مڙس پنهنجي ئي بيگناھ زال تي سخت تشدد زخمي ڪري ڇڏيوآهي

حيدرآباد محبوب حسين. بوزدار. بيوروسندھ حيدرآباد…

October 22, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

عمرڪوٽ: خشڪ ڳاڙهين مرچن جي اگهن جي تعين لاءِ ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ضلعي پرائس ڪميٽي جو اجلاس

ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ خشڪ ڳاڙهين مرچن جي مارڪيٽ ۾ اگهن جي تعين بابت ضلعي…

2 Min Read
پاڪستان

وحدتِ سنڌ مارچ دوران گرفتارين خلاف جناح باغ چوڪ تي رياض چانڊيو ۽ نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) وحدتِ سنڌ مارچ دوران گرفتار ڪيل ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ جيئي سنڌ قومي محاذ (شهيد بشير خان…

1 Min Read
پاڪستان

نسلن کان ڌانڌلي ذريعي اقتدار ۾ ايندڙن کي آزاد ڪشمير ۾ ڌانڌلي ڪرڻ نه ڏينداسين: بلاول جي(ن) ليگ تي تنقيد

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نالو کڻڻ کان سواءِ مسلم ليگ(ن) کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو آهي ته…

2 Min Read
پاڪستان

جماعت اسلامي سٽي ڪائونسل ۾ ميئر ڪراچي جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ لاءِ تياري شروع ڪري ڇڏي

جماعت اسلامي سٽي ڪائونسل ۾ ميئر ڪراچي جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ لاءِ تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. سٽي…

1 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?