ڪراچي. (رپورٽ ذوالفقار ) سنڌ ۾ زرعي تحقيق، موسمياتي تبديلين سان هم آهنگ زراعت ۽ ماحولياتي تحفظ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ زرعي تحقيق سنڌ ۽ گڏيل قومن جي اداري خوراڪ ۽ زراعت (ايف اي او) جي وفد وچ ۾ سهڪار بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گرين ڪلائميٽ فنڊ (GCF) ۽ گلوبل انوائرنمينٽ فيسليٽي (GEF) جي جاري ۽ مستقبل جي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ڊائريڪٽر جنرل ايگريڪلچر ريسرچ اينڊ ايگريڪلچر ايڪسٽينشن سنڌ ڊاڪٽر مظھرالدين ڪيريو پنهنجي ٽيڪنيڪل ٽيم سان گڏ اجلاس جي ميزباني ڪئي. ايف اي او جي وفد جي اڳواڻي جيمز رابرٽ اوڪوتھ ڪئي، جڏهن ته وفد ۾ بوٽاگوز نارتائيوا، نوئيلا ڪاموينڊو ۽ ڊاڪٽر اشفاق احمد پڻ شامل هئا.
اجلاس ۾ سنڌ ۾ جاري ۽ مستقبل جيمنصوبن ذريعي زرعي تحقيق ۽ جدت کي هٿي وٺرائڻ، موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ، ماحولياتي انتظام کي بهتر بڻائڻ ۽ پائيدار ترقيءَ لاءِ گڏيل حڪمت عمليءَ تي بحث ڪيو ويو.شرڪت ڪندڙن وچ ۾ ادارتي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ موسمياتي لچڪ رکندڙ زرعي نظام جي ترقيءَ بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي.بهرحال، اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل ڄاڻ ۾ منصوبن جي ماليت، مدي، مخصوص علائقن ۽ انهن تحت طئي ٿيل عملي قدمن جا تفصيل نه ڏنا ويا.
زرعي تحقيق سنڌ ۽ ايف اي او وچ ۾ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار تي ڳالهيون
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
