بئنگلورو (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فاسٽ بالر ڀونيشور ڪمار نومبر 2022ع کان پوءِ 104 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچون نه کيڏڻ بعد ٻيهر ڀارتي ٽيم جي پليئنگ اليون ۾ شامل ٿي ويو آهي.
ويسٽ انڊيز خلاف پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي آخري ۽ فيصلائتي مقابلي لاءِ ڀونيشور ڪمار کي ارشديپ سنگهه جي جاءِ تي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ڀونيشور ڪمار ٻن نمائندگين وچ ۾ مسلسل سڀ کان وڌيڪ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچون نه کيڏڻ جو ڀارت جو گڏيل رڪارڊ برابر ڪري ورتو آهي. واضح رهي ته اهو رڪارڊ خليل احمد وٽ به آهي، جيڪو 104 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن کان پوءِ ٻيهر ڀارت طرفان کيڏيو هو.
ياد رهي ته ارشديپ سنگهه چوٿين ٽي ٽوئنٽي ميچ دوران شيمار جوزف جي بالنگ تي انجري جو شڪار ٿي ويو هو.
پنجن ميچن جي سيريز هن وقت 2-2 تان برابر آهي، جڏهن ته آخري مقابلو فيصلائتو ثابت ٿيندو.
لاڳيتو 104 ميچون ڊراپ رهندڙ ڀونيشور ڪمار جي ٻيهر ڀارتي ٽيم ۾ واپسي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
