ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ”گھوسٽ اسڪول“ فلم بابت سنڌ بورڊ آف فلم سينسرز طرفان لاڳو ڪيل اڪثر ڪٽس رد ڪري ڇڏيا آهن.
عدالت قرار ڏنو ته بورڊ پنهنجي فيصلي جو مناسب جواز پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو،فلم مان منظر ڪڍڻ جو اختيار لامحدود ناهي.
عدالت بورڊ کي هدايت ڪئي ته فلم جي سرٽيفڪيشن بابت 10 ڏينهن اندر ٻيهر غور ڪيو وڃي.
واضح رهي ته “گهوسٽ اسڪول“ جي ڪهاڻي 10 ورهين جي هڪ نينگريءَ جي چوڌاري ڦري ٿي، جيڪا پنهنجي ڳوٺ جو واحد اسڪول بند ڏسي ٿي، اسڪول بابت ڳوٺ ۾ ”جنن“ جي موجودگيءَ ها افواهه پکڙيل آهن.
فلمسازن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني آرٽيڪل 199 تحت درخواست داخل ڪري سينسر بورڊ جي فيصلي کي چئلينج ڪيو هو.
سينسر بورڊ فلم کي يو سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ کان اڳ اٺ شين کي ڪٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
جسٽس يوسف علي سعيد ۽ جسٽس عدنان اقبال چوڌريءَ تي ٻڌل ڊويزن بئنچ قرار ڏنو ته بورڊ اهو واضح ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ته اعتراض هيٺ آيل مواد قانون جي ڪهڙي شق جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو يا ان کي ختم ڪرڻ ڇو ضروري آهي.
عدالت فلمسازن جي راضپي سان لاڳو ڪيل هڪ ڪٽ کانسواءِ بورڊ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
عدالت هدايت ڪئي ته بورڊ يا ته وڌيڪ ڪٽس کانسواءِ فلم جي نمائش لاءِ سرٽيفڪيٽ جاري ڪري، يا جيڪڏهن وڌيڪ عمر جي ريٽنگ ضروري سمجهي ته فلمسازن کي ٻڌڻيءَ جو موقعو ڏئي ۽ هر اعتراض بابت سببن تي ٻڌل حڪم جاري ڪري.
عدالت وڌيڪ واضح ڪيو ته بورڊ رڳو انهن اعتراضن تي ٻيهر غور ڪري سگهي ٿو، جيڪي اڳ ۾ اٿاريا ويا هئا. خدشن کي حل ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پابنديءَ واري عمر جي ريٽنگ اختيار ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي.
گھوسٽ اسڪول“ تي سينسر بورڊ جي اعتراضن وارو معاملو، سنڌ هاءِ ڪورٽ وڏو حڪم ڏئي ڇڏيو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
