بينڪاڪ پوسٽ موجب، مصر جي گاديءَ واري شهر قاهره سان واسطو رکندڙ ٻارن جي ماهر ڊاڪٽر اسلام الدح نئين ڄاول ٻار جي وڊيو سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ونڊي، جنهن ۾ طبي عملي کي ٻار جي دُن واري نَڙي ڪٽڻ جي تياري ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته ٻار غيرمعمولي سڪون سان ليٽيل نظر اچي ٿو.
وڊيو ۾ ٻار جي ان نرالي انداز سماجي رابطن واري ويب سائيٽ جي واهپيدارن کي حيران ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ ٽهڪ ڏياريندڙ راين جو سلسلو شروع ٿي ويو.
ڪجهه واهپيدارن چرچي ۾ لکيو ته ٻار ڄمندي ئي ڄڻ پينشن تي وڃڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته ٻين کيس بادشاهه سڏيو.
نئين ڄاول ٻار جي ان نرالي انداز دنيا ڀر جي واهپيدارن جو ڌيان ڇڪائي ورتو آهي، جڏهن ته سندس ماٺيڻي ڪيفيت ۽ ليٽڻ واري نموني تي دلچسپ رايا ڏنا پيا وڃن.
رپورٽ موجب، وڊيو تيزيءَ سان مقبول ٿي وئي ۽ آچر تائين رڳو ٽڪ ٽاڪ تي ان کي ڏسڻ جو انگ 20 ڪروڙ جي ويجهو پهچي رهيو هو.
