راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان، ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته وچ اوڀر جي تڪرار جو ڳالهين ذريعي حل ڪڍڻ اڻٽر آهي، جڏهن ته ڳالهين جي ناڪامي ۽ فوجي ٽڪراءَ جي صورت ۾ مڪي اتحاد جي گڏيل دفاعي صلاحيت ۽ ڊيٽرنس متحرڪ ٿي ويندي.
عرب ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته مڪي گڏيل دفاعي معاهدي تي تمام ٿوري وقت ۾ اڳڀرائي ٿي آهي ۽ اهو ٽن ملڪن جي گڏيل سوچ جو نتيجو آهي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته سعودي عرب جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ حرمين شريفين جو تحفظ پاڪستان جي پهرين ترجيح آهي، حرمين شريفين جي حفاظت تي ڪو به سمجهوتو نٿو ٿي سگهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان جو موقف واضح ۽ قطعي آهي ۽ ان بابت سياسي قيادت توڙي فيلڊ مارشل اڳ ئي پنهنجو پيغام ڏئي چڪا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته مقدس ماڳن تي حملن سبب عوام، سياسي قيادت ۽ فوجي قيادت ۾ سخت ڪاوڙ موجود آهي، پر تڪرار کي ڪنهن به سطح تي وڌيڪ وڌائڻ مان ڪنهن به ملڪ کي فائدو نه ٿيندو.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته وچ اوڀر ۾ فوجي تڪرار کي وڌيڪ پکيڙڻ ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي، تنهنڪري ڳالهين ذريعي ڪنهن نتيجي تي پهچڻ ضروري آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن ڳالهين ذريعي حل ڪڍڻ ۾ ناڪامي ٿي ۽ فوجي ٽڪراءُ پيدا ٿيو ته مڪي اتحاد جو گڏيل دفاعي ڊيٽرنس متحرڪ ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته مڪي اتحاد جي قيادت ۽ حڪمت عملي واضح آهي ۽ اتحاد جو ڪو به جارحاڻو ارادو ناهي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحاليءَ تي يقين رکن ٿا.
هي اتحاد ڪنهن خاص ملڪ جي خلاف ناهي، پر ان جو مقصد خطي ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتيءَ کي هٿي ڏيڻ آهي.
هن مسلمان ملڪن تي زور ڏنو ته پاڻ ۾ وڙهڻ بدران متحد ٿين، جيئن خطي ۾ امن ۽ سلامتيءَ کي يقيني بڻائي سگهجي.
وچ اوڀر ۾ فوجي ٽڪراءُ ڪنهن جي مفاد ۾ ناهي، ڳالهين ذريعي حل ڪڍڻ اڻٽر آهي: احمد شريف چوڌري
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
