ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ميڊيا جي خبرن موجب، ممبئي ۾ ٽائيگر شروف جي گاڏيءَ تي فائرنگ واري واقعي کان پوءِ سلمان خان جي رهائشگاهه گليڪسي اپارٽمينٽس ٻاهران سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي.
رپورٽن موجب، آچر 18 آڪٽوبر تي شام جو لڳ ڀڳ 7 وڳي، 36 ورهين جو ٽائيگر شروف جوهو ۾ فٽبال ميچ کيڏڻ کان پوءِ گهر واپس وڃي رهيو هو ته موٽر سائيڪلن تي سوار ٽن هٿياربندن مبينا طور سندس گاڏيءَ کي نشانو بڻايو.
فائرنگ دوران گهٽ ۾ گهٽ پنج گوليون هلايون ويون، جنهن جي نتيجي ۾ ٽائيگر شروف جو ڊرائيور ۽ هڪ واٽهڙو رڪشا ڊرائيور زخمي ٿي پيا. ٽائيگر شروف گولي لڳڻ کان بچي ويو، جڏهن ته ٻنهي زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي.
واقعي کان پوءِ سلمان خان جي رهائشگاهه ٻاهران پوليس اهلڪارن جو انگ وڌايو ويو آهي. پوليس اهلڪار گولين کان بچاءَ وارا حفاظتي ڪوٽ پائي مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته علائقي ۾ پوليس جون وڌيڪ گاڏيون پڻ بيهاريون ويون آهن.
ڀارتي ميڊيا موجب، ممبئي جي باندرا واري علائقي ۾ گليڪسي اپارٽمينٽس جي چوڌاري گذرندڙ گاڏين جي پڻ احتياطي طور تلاشي ورتي پئي وڃي.
ٻئي پاسي، واقعي ۾ ملوث ٽنهي جوابدارن کي راجسٿان جي شهر ڪوٽا مان گرفتار ڪيو ويو آهي. دهشتگرد ٽولن خلاف جوڙيل خاص عملي ۽ راجسٿان پوليس گڏيل ڪارروائي ڪندي 17، 18 ۽ 22 ورهين جي ٽنهي جوابدارن کي حراست ۾ ورتو.
