• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: نوان صوبا ٺاهڻ تي سياسي اڳواڻن ۾ اختلاف، اتفاقِ راءِ، اختيارن جي منتقلي ۽ مڪاني حڪومتن کي مضبوط ڪرڻ تي زور
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

نوان صوبا ٺاهڻ تي سياسي اڳواڻن ۾ اختلاف، اتفاقِ راءِ، اختيارن جي منتقلي ۽ مڪاني حڪومتن کي مضبوط ڪرڻ تي زور

admin
Last updated: October 21, 2026 7:23 pm
admin
Share
SHARE

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ انتظامي جوڙجڪ جي نئين سر ترتيب ۽ نوان صوبا ٺاهڻ واري تڪراري مطالبي تي بحث دوران دوران حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻن، سياسي اڳواڻن ۽ ماهرن مختلف موقف پيش ڪندي اختيارن جي منتقلي، مقامي حڪومتن جي مضبوطي ۽ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ تي زور ڏنو.
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان ۾ نون صوبن جي ضرورت آهي، پر نوان انتظامي يونٽ قائم ڪرڻ لاءِ اتفاقِ راءِ ضروري آهي.
هن ٻڌايو ته بلوچستان ۾ ڊويزنن جو انگ 8 مان وڌائي 12 ڪيو ويو آهي.
اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته نون صوبن بابت سوچي سمجهي فيصلو ڪرڻ گهرجي، هن صلاح ڏني ته ڊويزنن جي سطح تي نوان انتظامي يونٽ قائم ڪيا وڃن ۽ پوليس کي به مقامي سطح تي منظم ڪيو وڃي.
اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته نوان صوبا ٺاهڻ ۾ ڪو حرج ناهي ۽ آئين ۾ ان جو طريقيڪار موجود آهي.
سندس چوڻ هو ته ملڪ جو اصل مسئلو رڳو اختيارن جي منتقلي نه، پر انتظامي نظام کي جديد ضرورتن مطابق بڻائڻ به آهي.
مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خرم دستگير چيو ته نوان صوبا ٺاهڻ کان اڳ آباديءَ تي ضابطو آڻڻ ۽ نئين انتظامي ڍانچي لاءِ ضروري بنياد تيار ڪرڻ گهرجن.
بحث دوران عمر چيمه چيو ته سنڌ اڳ ون يونٽ جي مخالفت ڪئي هئي ۽ هاڻي نون صوبن جي قيام جي به مخالفت ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ ڪري اهو چئي نٿو سگهجي ته نون صوبن بابت ڳالهائي به نه ٿا سگهو.
جماعت اسلامي جي اڳواڻ لياقت بلوچ چيو ته جيستائين طاقتور طبقو پاڻ کي آئين جو پابند نه بڻائيندو، تيستائين ڪو به نظام ڪامياب نه ٿي سگهندو.
ايم ڪيو ايم جي ايم اين اي آسيا اسحاق چيو ته 26هين ۽ 27هين آئيني ترميم دوران پيپلز پارٽي مڪاني ادارن بابت آئيني ترميمي بل شامل ٿيڻ نه ڏنو هو.
سندس چوڻ هو ته ان وقت ايم ڪيو ايم اعلان ڪيو هو ته جڏهن به نون صوبن جي قيام جي ڳالهه ٿيندي ته سندن جماعت اڳڀري هوندي.
دانيال عزيز چيو ته صوبن کي ڪمزور ڪيو ويو آهي ۽ ڪو 12 ته ڪو وري 32 يا 36 صوبا ٺاهڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، ڄڻ صوبا تارازيءَ ۾ توري ٺاهڻا هجن. هن چيو ته جتي سياسي اتفاقِ راءِ موجود آهي، اتي پهرين عمل ڪرڻ گهرجي.
نديم افضل چن چيو ته نون صوبن جي ڳالهه ڪندي ملڪ ٽوڙڻ طرف نه وڃڻ گهرجي، پر پرويز مشرف جي دور جهڙو مڪاني حڪومتن جو نظام آڻڻ تي اتفاق ڪرڻ گهرجي.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article ڌمڪين ۽ دٻاءَ واري ماحول ۾ ڳالهين جي ڪا اهميت ناهي: ايراني صدر
Next Article لاهور ۾ پوليس اهلڪار جي پارڪنگ ملازم کان ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي چاقو جا وار ڪري ساٿي سوڌو فرار
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

ملتان ۾ يتيم ٻار کي گاڏي هيٺان چيڀاٽي قتل ڪندڙ مک جوابدار توقير نذير پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

بهاولپور (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ 15 ورهين جي يتيم ٻار…

October 21, 2026

ملتان ۾ يتيم ٻار کي گاڏي هيٺان چيڀاٽي قتل ڪندڙ مک جوابدار توقير نذير پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

بهاولپور (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ 15…

October 21, 2026

پاڪستان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي ۽ آبي حقن جي ڀڃڪڙي کي جنگي قدم سمجهندو: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز…

October 21, 2026

پاڪستان جو ڀارت ۾ شيڊيول اوور 50 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2027 ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اوور…

October 21, 2026

لاهور ۾ پوليس اهلڪار جي پارڪنگ ملازم کان ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي چاقو جا وار ڪري ساٿي سوڌو فرار

لاهور(ويب ڊيسڪ)پارڪنگ اسٽينڊ جي ملازم کان…

October 21, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

صوفي شاعر قادن فقير سومرو: ٽنڊو الهيار جي چاڪي سومرا برادريءَ جي فقيري روايت ۽ ناياب ڪلام جي ڪهاڻي

ٽنڊو الهيار جي چاڪي سومرن ۾ ھميشه فقيري رنگ موجود رھيو آھي ھي سڄي برادري حضرت شيخ موسي رحہ جي…

5 Min Read
پاڪستان

ڪنهن به پابندي مڙهيل تنظيم سان ڳالهيون نٿا ڪري سگهون، فضل الرحمان سان ثالثي لاءِ ايڪشن ڪميٽي رابطو ڪيو: طارق فضل چوڌري

اسلام آباد: وفاقي وزير پارلياماني معاملن ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته حڪومت ڪنهن به پابندي مڙهيل تنظيم سان…

1 Min Read
پاڪستان

ڪراچي: قتل کان پوءِ به جنسي زيادتي ڪئي، 6 ورهين جي ٻارڙي جي قتل جي جاچ جاري، جوابدار جا اهم انڪشاف

ڪراچي جي لي مارڪيٽ ۾ 6 ورهين جي عبدالولي جي قتل جي جاچ جاري آهي جڏهن ته گرفتار جوابدار حمزه…

3 Min Read
پاڪستان

گل پلازا جا ٻه فلور صاف، هاڻي تائين 27 لاشون ڪڍيون ويون، 81 لاپتا ماڻهن جي ڳولا جاري

ڪراچي: گل پلازا ۾ فائر بريگيڊ ۽ ريسڪيو اهلڪارن جون ڪارروايون جاري آهن جتي ٻه فلور صاف ڪيا ويا آهن.…

3 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?