دوحا(ويب ڊيسڪ) پاڪستان، قطر، ترڪي ۽ انڊونيشيا” بدر معاهدي“ جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن، جنهن جو مقصد چئني ملڪن جي دفاعي صلاحيتن کي مضبوط بڻائڻ ۽ دفاعي پيداوار ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ آهي.
ترڪي جي بچاءُ واري وزارت موجب، ان سلسلي ۾ اربع ڏينهن قطر جي گاديءَ واري شهر دوحا ۾ تقريب ٿي، جنهن دوران پاڪستان جي بچاءَ واري وزير خواجه آصف، انڊونيشيا جي نائب بچاءَ واري وزير يوسف جوهري، ترڪي جي بچاءَ واري وزير ياشار گولر ۽ قطر جي نائب وزيراعظم ۽ دفاعي معاملن واري مملڪتي وزير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن حسن آل ثاني مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون.
ترڪي جي سرڪاري خابرو اداري ٽي آر ٽي موجب، معاهدي جو مقصد چئني ملڪن وچ ۾ دفاعي پيداوار، ٽيڪنالاجي، فوجي تربيت، تحقيق ۽ ترقيءَ جي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل دفاعي صلاحيتون وڌائڻ آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته معاهدو چئني ملڪن وچ ۾ گڏيل اعتماد کي مضبوط ڪرڻ سان گڏ ترڪي جي دفاعي صنعت جي عالمي حيثيت کي به هٿي ڏئي سگهي ٿو، ان سان جديد دفاعي نظامن جي ترقيءَ لاءِ نين ٽيڪنالاجين ۽ صنعتي صلاحيتن کي هٿي ملڻ جي اميد آهي.
ٽي آر ٽي موجب، معاهدي جو نالو” بدر“ رکيو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ چوڏهينءَ جو چنڊ آهي.
اهو نالو ان تصور جي عڪاسي ڪري ٿو ته چارئي ملڪ هڪ ٻئي جي صلاحيتن مان فائدو وٺندي گڏيل دفاعي مقصد حاصل ڪندا.
معاهدي تحت هر ملڪ جي دفاعي پيداوار جي صلاحيت مان فائدو حاصل ڪرڻ، دفاعي صنعت کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ اتحادي توڙي دوست ملڪن جون ضرورتون بهتر نموني پوريون ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويندو.
رپورٽ موجب، هي معاهدو شرڪت ڪندڙ ملڪن وچ ۾ فوجي سهڪار جو دائرو وڌائڻ، دفاعي صنعت ۾ لاڳاپا مضبوط ڪرڻ ۽ سلامتي، استحڪام ۽ گڏيل مقصدن جي حاصلات ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.
پاڪستان، قطر، ترڪي ۽ انڊونيشيا وچ ۾ ”بدر معاهدي“ جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحون
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
