اسلام آباد (رپورٽ پا ڪ سوچ )ايل پي جي گئس جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ مهانگائيءَ جي نئين لهر پکڙجي وئي آهي، اٽي، گوشت، ڀاڄين ۽ دالين سميت کاڌي پيتي جي شين جا اگهه وڌڻ لڳا آهن.
ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ اٽي ۽ دالين جي اگهن ۾ 50 رپيا، جڏهن ته ڪڪڙ جي گوشت جي اگهه ۾ 100 رپيا في ڪلو واڌ ٿي وئي آهي.
لاهور ۾ ايل پي جي گئس جا اڪثر دڪان بند ٿي ويا آهن، جڏهن ته مختلف شهرن ۾ ايل پي جي گئس 550 کان 650 رپيا في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهي آهي.
بلوچستان ۾ ڪڻڪ جي کوٽ جو بحران وڌيڪ سنگين ٿي ويو آهي. خضدار، چاغي، واشڪ، ڪيچ ۽ ٻين ضلعن ۾ 50 ڪلو اٽي جي ٻوريءَ جو اگهه 8 هزار رپين کان وڌي ويو آهي.
ڪوئيٽا ۾ ڀاڄين، گوشت ۽ کير جي اگهن ۾ پڻ 20 سيڪڙو تائين واڌ ٿي وئي آهي. شهرين مطالبو ڪيو آهي ته روزمره جي ضرورت وارين شين جا اگهه گهٽايا وڃن.
