لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان) لاڙڪاڻي ۾ سماجي تنظيم پاڪستان بچايو تحريڪ جي سرواڻ طرفان شهر سميت آس پاس جي علائقن ۾ رولو ڪتن جي وڌندڙ آزار خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي هن ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي تصوير کڻي نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان بچايو تحريڪ جي سرواڻ سجاد حسين سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته لاڙڪاڻي شهر سميت آس پاس جي علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار تمام گهڻو وڌي ويو آهي، جيڪي ٽولن جي صورت ۾ روڊن، رستن ۽ گهٽين ۾ گهمندي نظر اچن ٿا، جڏهن ته رولو ڪتن جي حملن ۾ روزاني جي بنياد تي معصوم ٻار، عورتون، بزرگ ۽ نوجوان اسپتال ڀيڙو ٿين ٿا، جتي ويڪسين اڻلڀ بڻيل آهي، جنهن ڪري ماڻهن جون زندگيون داءُ تي لڳل آهن، پر افسوس جو ضلعي انتظاميه توڙي ميونسپل ڪارپوريشن جو ميئر ڪتا مار مهم هلائڻ ۾ سنجيده نه آهن. هن چيو ته ضلعي انتظاميه ۽ ميونسپل ڪارپوريشن جو ميئر صرف ٽيڪس اوڳاڙڻ ۾ پورا آهن، جن کي عوام جو ڪوبه احساس نه آهي. هن لاڳاپيل وس وارين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي معاملي جو نوٽيس وٺي شهر سميت آس پاس جي علائقن ۾ ڪتا مار مهم شروع ڪري شهرين جون زندگيون بچايون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.
لاڙڪاڻي ۾ سماجي تنظيم پاڪستان بچايو تحريڪ جي سرواڻ طرفان شهر ۾ رولو ڪتن جي وڌندڙ آزار خلاف احتجاج
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
