ٽنڊوڄام (محبوب حسین بوزدار بیوروسندھ) ٿرپارڪر جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ چوپايو مال پالڻ روزگار ۽ معاشي تحفظ جو اهم ذريعو آهي، خاص طور ڏڪار ۽ موسمياتي مشڪلاتن دوران اهو مقامي آباديءَ لاءِ انشورنس جو ڪردار ادا ڪري ٿو، پر مالي وسيلن، قرضن تائين پهچ ۽ فني ڄاڻ جي کوٽ سبب ننڍا مالوند جديد ڊيري فارمنگ جا طريقا اختيار ڪرڻ کان محروم آهن، اها تحقيق سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جي عمرڪوٽ ڪيمپس جي ليڪچرار ڊاڪٽر امام بخش چاچڙ پنهنجي پي ايڇ ڊي دوران ڪئي، جيڪا هن يونيورسٽي پٽرا ملائيشيا مان زرعي توسيع جي شعبي ۾ مڪمل ڪئي. تحقيق ۾ ٿرپارڪر جي ستن ئي تعلقن جي 430 ڊيري فارمرن کان معلومات حاصل ڪري جديد فارمنگ جا طريقا اختيار ڪرڻ بابت سندن آمادگيءَ جو جائزو ورتو ويو، تحقيق موجب لڳ ڀڳ 89 سيڪڙو ڀاڳين کي قرضن ۽ مالي سهولتن تائين پهچ حاصل ناهي، جڏهن ته 80 سيڪڙو کي تحقيقي ادارن ۽ چوپائي مال ۾ ھٿرادو ٻج رکڻ واري مرڪزن جون سهولتون ميسر ناهن، انهن ڏکيائين باوجود 70 سيڪڙو ڀاڳين جو جديد ڊيري فارمنگ بابت رويو هاڪاري آهي، جڏهن ته 66 سيڪڙو وٽ فني ڄاڻ وچولي سطح جي آهي، مطالعي ۾ موبائل فون کي جديد زرعي معلومات ۽ بهتر فارمنگ طريقن بابت آگاهيءَ جو سڀ کان اثرائتو ذريعو قرار ڏنو ويو، تحقيق موجب جديد ٽيڪنالاجيءَ کي مقامي حالتن، روايتي طريقن ۽ موجود وسيلن سان سلھاڙيل رکڻ ضروري آهي، تحقيق مان ظاهر ٿيو ته ڀاڳيا جديد تبديلي قبول ڪرڻ جا مخالف ناھن، ۽ 65.7 سيڪڙو ڀاڳيا جديد ڊيري فارمنگ جا تجويز ڪيل طريقا اختيار ڪرڻ حامي آھن، پر مالي ڏکيائيون ۽ معلومات تائين محدود پهچ وڏيون رڪاوٽون آهن، تحقيق جي گڏيل ماڊل محقق مالوندن لاءِ خاص مقصدن وارا ننڍا قرض، ڏورانهن علائقن ۾ موبائل جانورن جي علاج جون سهولتون ۽ موبائل فون، ايس ايم ايس، واٽس ايپ توڙي مقامي زرعي عملي ذريعي معلومات پهچائڻ جو نظام مضبوط ڪرڻ جون سفارشون ڏنيون، ان موقعي تي سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال ٿرپارڪر ۾ چوپائي مال جي شعبي کي درپيش مسئلن ۽ ترقيءَ جي امڪانن تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته اثرائتي پاليسي جوڙڻ لاءِ تحقيق مستند ميداني معلومات ۽ عملي نتيجن تي ٻڌل هجڻ گهرجي. هن مالوندن لاءِ سيڙپڪاري، ننڍن قرضن جي بهتر استعمال، تربيت ۽ ادارتي سهائتا جي اهميت پڻ اجاگر ڪئي، تحقيقي پريزنٽيشن ۾ ڊين ڊاڪٽر سيد غياث الدين شاهه راشدي، ڊاڪٽر عبدالمبين لوڌي، ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر، ڊاڪٽر اعجاز حسين سومرو، ڊاڪٽر غلام مجتبيٰ خشڪ، ڊاڪٽر حنيف لاکو، ڊاڪٽر شبانه سرتاج، ڊاڪٽر حبيب الله مگسي ۽ ٻين استادن شرڪت ڪئي.
