لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان )لاڙڪاڻي ۾ مختلف مذهبي جماعتن تي مشتمل اتحاد اهلسنت ضلعي لاڙڪاڻي جي نئين باڊي متفقه راءِ سان چونڊي وئي، جنهن ۾ روحاني جماعت تعلق رکندڙ صاحبزاده اسرار احمد ڀٽي کي سرپرست اعليٰ، تنظيم اصلاح الفقراء حسينيہ نقشبنديه جي مولوي صدام حسين حسيني کي صدر، حسيني جماعت جي محمد بخش جتوئي کي معانين صدر، پي ايس ٽي جي شمس الدين سروهي کي سينئر نائب صدر، انجمن نوجوانن اسلام پاڪستان جي جاويد علي کي نائب صدر، جماعت طاهريه جي مولوي امداد علي جهتيال کي نائب صدر، جميعت علماءِ طاھريہ سني تحريڪ جي قاري اصغر علي طاهري کي جنرل سيڪريٽري، جي يو پي نوراني گروپ جي علامه قاري محمد شوڪت حسيني کي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري، افضلي جماعت جي غلام مصطفيٰ افضلي کي پريس ترجمان ۽ جي يو پي جي حافظ ميان خان ڪورائي کي رابطه سيڪريٽري چونڊيو ويو آهي، جيڪا باڊي ٻن سالن تائين پنهنجيون خدمتون جاري رکندي. ان موقعي تي نون چونڊيل عهديدارن چيو ويو ته اهل سنت جو اتحاد موجوده وقت جي اهم ضرورت آهي، اڄ جي صورتحال ۾ اهل سنت جي سڀني ديني ۽ مذهبي تنظيمن لاءِ باهمي اتحاد، ۽ اتفاق سان هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ وقت جي ضرورت آهي. هنن چيو ته اتحاد اهل سنت جو اھم مقصد اهل سنت جي گڏيل مسئلن کي اجاگر ڪرڻ، مذهبي ۽ قومي معاملن ۾ گڏيل ڪردار ادا ڪرڻ، فرقه وارانه هم آهنگي، ڀائيچاري ۽ باهمي صلاح مشوري کي فروغ ڏيڻ آهي. هوڏانهن نون چونڊيل عهديدارن خلوص، ايمانداري ۽ محنت سان پنهنجون ذميواريون نڀائڻ ۽ اتحاد اهل سنت جي پليٽ فارم کي وڌيڪ مضبوط ۽ فعال بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو.
لاڙڪاڻي ۾ مختلف مذهبي جماعتن تي مشتمل اتحاد اهلسنت ضلعي لاڙڪاڻي جي نئين باڊي متفقه راءِ سان چونڊي وئي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
