سکر(رپورٽ عبدالجبار نوناري) ايس ايس پي سکر پاران آفيس جي ڪانفرنس هال ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ويو ته حرا ميڊيڪل سينٽر جي ڪيشئر کان هڪ ڪروڙ رپين جي ڦر واري ڪيس کي سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي مدد سان ٽريس ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن وٽان 40 لک رپيا هٿ ڪيا ويا آهن.ايس ايس پي موجب گرفتار جوابدارن ۾ شڪارپور آءِ ٽي جو هڪ اهلڪار ۽ سکر پوليس چوڪي انچارج وحيد خروس جو ڀاءُ راشد به شامل آهي، جڏهن ته باقي رقم جي واپسي ۽ ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن. هن چيو ته پوليس ۾ موجود ڪاري رڍن ۽ ڏوهارين جي سرپرستي ڪندڙ اهلڪارن خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.هن وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل هڪ مهيني دوران 60 موبائل فون ۽ 35 موٽرسائيڪلون هٿ ڪري اصل مالڪن حوالي ڪيون ويون آهن.
سکر حرا ميڊيڪل سينٽر ۾ هڪ ڪروڙ رپين جي ڌاڙي جو ڪيس ٽريس، 40 لک رپيا هٿ، 2 جوابدار گرفتارايس پي سکر پاران آفيس جي ڪانفرنس هال ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
