آمريڪي فوج وينزويلا جي گادي واري شهر سميت مختلف هنڌن تي حملا ڪري ڇڏيا آهن۔
وينزويلا جي گادي واري شهر ڪاراڪس ۾ ڌماڪا ٿيا آهن ۽ شهر جي مختلف علائقن ۾ جهازن جون گهٽ اوچائي تي پروازون به ڏٺيون ويون آهن۔
آمريڪي ميڊيا موجب وينزويلا ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ حملن جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته گادي واري شهر ڪاراڪس ۾ گهٽ ۾ گهٽ 7 ڌماڪا ٿيا آهن۔
آمريڪي ميڊيا موجب هڪ آمريڪي عملدار خبر ايجنسي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آمريڪا وينزويلا خلاف فوجي حملا ڪري رهيو آهي۔
وينزويلا جي حڪومت تصديق ڪئي آهي ته حملا ڪاراڪس، ميرانڊا، آراگوا ۽ لاگوئيرا رياستن ۾ ٿيا آهن، ۽ انهن آمريڪي حملن جو مقصد وينزويلا جي تيل ۽ معدنيات تي قبضو ڪرڻ آهي۔
وينزويلا جي حڪومت حملن تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته آمريڪا اسان جا وسيلا حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندو، اسان آمريڪا جي فوجي جارحيت کي رد ڪريون ٿا۔
وينزويلا جي صدر حملن کانپوءِ ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي۔
ٻئي پاسي روسي ميڊيا دعويٰ ڪري رهي آهي ته آمريڪي حملن ۾ وينزويلا جي دفاعي هيڊڪوارٽرز کي نشانو بڻايو ويو آهي ۽ وينزويلا جو صدر صدارتي محل ڇڏي هليو ويو آهي۔
روسي ميڊيا جو چوڻ آهي ته وينزويلا جي ڪيترن ئي ٻيٽن ۾ آمريڪي ميرينز جي زميني آپريشن شروع ٿيڻ بابت غيرمصدقہ اطلاعون ملي رهيون آهن۔
ان حوالي سان ڪولمبيا جي صدر چيو آهي ته ڪاراڪس تي ميزائل فائر ڪيا پيا وڃن ۽ ڪاراڪس تي حملن بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس گهرايو وڃي۔
