لاهور: ڪاهنه ٽيوشن سينٽر سانحي بابت تيار ڪيل جاچ رپورٽ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز کي پيش ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڇت تي حد کان وڌيڪ ملبو وجهڻ سبب ٽي آئرن ۽ گارڊر تي ٻڌل ڇت ڪري پئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڇت تي ٻارن جي موجودگي دوران مٽي ۽ ملبو وجهڻ واضح غفلت هئي، جڏهن ته ڪمزور ڍانچو اضافي وزن برداشت نه ڪري سگهيو، جنهن جي نتيجي ۾ حادثو پيش آيو.
ذريعن موجب ڇت ڪرڻ وقت هڪ خاتون استادن ۽ 20 ٻار ڇت هيٺ موجود هئا، جڏهن ته فوت ٿيل ٻارن جي موت جو وڏو سبب مٿي تي لڳل سخت ڌڪ قرار ڏنو ويو آهي.
رپورٽ موجب هيل تائين ڪنهن به لاڳاپيل سرڪاري اداري جي اهلڪار جي غفلت سامهون ناهي آئي.
جاچ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته واقعي بابت ڪيس داخل ڪري گهر جي مالڪ، سندس ڀاءُ سميت پنجن ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.
ذريعن موجب ماهرن جي راءِ پڻ رپورٽ جو حصو بڻائي وئي آهي.
واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ لاهور جي علائقي ڪاهنه ۾ هڪ ٽيوشن سينٽر جي ڇت ڪرڻ سبب 14 ٻار فوت ٿي ويا هئا.
