ڪراچي: ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين جي تحفظ بابت جرنلسٽ پروٽيڪشن ڪميشن جي چيئرمين سعيد ميمڻ جي صدارت ۾ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ صحافين کي درپيش مسئلن، خاص طور تي ملير ۾ صحافين خلاف تشدد، اغوا ۽ ڪوڙن ڪيسن جي واقعن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.
اجلاس ۾ جرنلسٽ پروٽيڪشن ڪميشن جي چيئرمين مقصود يوسفِي، پريس ڪلب جي سيڪريٽري اسلم خان، ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (CPNE) جي سعيد سربازي ۽ جوائنٽ سيڪريٽري فاروق سميع سميت ٻين لاڳاپيل شخصيتن شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران ملير ۾ صحافين تي تشدد، اغوا، ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ، پوليس جي ڪردار ۽ ڏوهاري عنصرن تي ٻڌل مبينا مافيا خلاف ڪارروائي سميت صحافين کي تحفظ جو احساس ڏيارڻ لاءِ ممڪن قدمن تي غور ڪيو ويو.
ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ حڪومت جي جرنلسٽ پروٽيڪشن ڪميشن جي سربراهه سعيد ميمڻ چيو ته تشدد ۽ ڌمڪين جو شڪار صحافين جي مڪمل تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. هن صحافين کي يقين ڏياريو ته سندن جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي اثرائتيون ڪوششون ڪيون وينديون.
اجلاس ۾ صحافين کي درپيش مسئلن جي حل، کين محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ ۽ صحافتي ذميوارين جي آزاديءَ سان ادائيگي لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ تي پڻ زور ڏنو ويو.
